ولي رام ولڀ

ولي رام ولڀ

ولي رام ولڀ

ولي رام ولڀ: سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار، نقاد، شاعر ۽ مترجم ولي رام ولڀ، 18 آگسٽ 1941ع (سرڪاري رڪارڊ موجب 15 مارچ 1941ع) تي ٿرپارڪر ضلعي جي شھر مٺيءَ ۾ ڪيول رام لوهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم مٺي مان حاصل ڪئي. اُن کان پوءِ ايل ايل بي (1969ع)، سميت اردو (1967ع)، سماجيات (1971ع) ۽ ماس ڪميونيڪيشن (1991ع) ۾ ايم. اي جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ۽ جناح ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪيون. کيس هندي سميت ڍاٽڪي، پارڪري، گجراتي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين جي به سٺي ڄاڻ هئي. ولي رام ولڀ 1967ع کان 1988ع تائين هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ، ۾ حيدرآباد برانچ جو مئنيجر ۽ بزنس ايگزيڪيوٽو رهيو. 1988ع کان 2001ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي تحقيقي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏنيون، 15 مارچ 2001ع تي ساڳئي اداري مان ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٿراپالاجيڪل ميوزيم جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. سنڌالاجيءَ ۾ ملازمت دوران هي ڇھه ماهي ’سنڌي ادب‘ مخزن جي پنجن پرچن جو ايڊيٽر ۽ مائڪرو فلم سيڪشن جو ڪجهه وقت انچارج پڻ رهيو. ان دوران هن اداري جي ٽماهي نيوز ليٽر جا چار پرچا پڻ ايڊٽ ڪيا. هن مختلف پرڏيھي زبانن جي مشھور ناولن ۽ ڪھاڻين جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ڪَوِتائون به لکيون. ان کان سواءِ چونڊ پرڏيھي شاعريءَ جو ترجمو به ڪيو، جن جو تفصيل هن رِيت آهي:
ترجمو ڪيل ناول:(1) غدار (1968ع)، (2) سيتا هرڻ (1977ع)، (3) بند دروازو (1978ع)، (4) ڌاريو (1993ع)، (5) پوئين پھر جا پانڌيئڙا (2000ع)، (6) ائناڪرينينا، (7) ڪھاڻي هُنن جي، (8) سُمهيل پاڻي، (9) ڇتن ڪتن جو مسيحا، (10) ڪارو ڪتاب ترجمو ۽ ترتيب ڏنل ڪھاڻيون: (1) ٽين دنيا جون ڪھاڻيون (1980ع)، (2) ٿڪل سريت ۽ ٻيون ڪھاڻيون، (1983ع)، (3) نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون (2003ع)،
(4) بھشت ۽ دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون (2004ع)، (5) مٺڙا ڀاءُ...! ۽ ٻيون ڪھاڻيون (2006ع)، (6) پرڏيھي ڪھاڻيون (2011ع).
اصلوڪيون ڪھاڻيون:
(1) زندگيءَ جو هڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيون ڪھاڻيون (2001ع)، (2) ’ليڪا نه اورانگهڻ جھڙا (2004ع)
ترجمو ڪيل شاعريءَ جا مجموعا:
(1) ڪَوِتا ڦلواڙي (2006ع)، (2) اڏارون آڪاس ۾ (طبع زاد)، (3) لؤ (شمشير الحيدريءَ جي شعري مجموعي ’لاٽ‘ جو اردو ترجمو)، (4) ’کير ڌارا‘ (ٻه جُلد)
آتم ڪٿائون ۽ انٽرويوز جا ترجما
(1) اقبال (1977ع)، (2) سدا ساوا پن (1984ع)، (3) مون وٽ نه ڪا پيتي، نه ڪو ڪلف ڪنجي (2004ع)، (4) ’موکا ميلو‘ (اِنٽرويو)
خطن جا مجموعا (1) ’جي مارن مون ڏي مُڪا‘، (2) ’سنيھڙا‘ ولي رام ’1947ع کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جو تحقيقي جائزو‘ جي سري هيٺ ايم.فل/پي.ايڇ.ڊي جو مقالو پڻ لکيو. هن ڪيول ملڪاڻيءَ جي لکيل ڪتاب ‘The Sindh Story’ جو ’سنڌ ڪھاڻي‘ عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري 1991ع ۾ تاج جويي جي نالي سان ڇپرايو. هن فلسفي ۽ ڌرمي ڪتابن جو ترجمو پڻ ڪيو. ان سلسلي ۾ گيتا جو اڀياس (سار ديسائي ۽ دليپ بوس جي
(Gita in Marxism) جو ترجمو 1992ع ۾ ۽ من جي شانتي (هنديءَ مان) 2002ع ۾ ترجمو ڪيا.
ولي رام ولڀ 1983ع ۾ پروفيسر ظفر حسن سان گڏجي ’آرسي‘ نالي سان هڪ ڪتابي سلسلو جاري ڪيو، جنھن جو پورو نالو ’سھيوڳي ساهت ۽ جلا جي آرسي‘ هو. هن ڪتابي سلسلي جا 1985ع تائين، چار پرچا شايع ٿيا. ان کانسواءِ ظفر حسن جي ساٿ ۾ 1978ع ڌاري ’عالمي ادب-I‘: حليم بروهيءَ ۽ ٻين سان گڏ ’سنڌي ساهت-I‘ ۽ پندرهن روزه ’عبرت‘ مخزن جي ابتدائي چئن پرچن جي ايڊيٽوريل ٽيم ۾ شامل رهيو. هن ڪجهه سنڌي نصابي ڪتابن ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامر (انگريزي) واري ڪتاب جي ايڊٽنگ پڻ ڪئي. تاج جويي سان گڏ ’پريم ساگر‘ رسالي جو ’سامي نمبر‘ ايڊٽ ڪيو، جڏهن ته ظفر جوڻيجي سان گڏ ’ظفر حسن جي ڊائري-I‘ پڻ ترتيب ڏني. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ’آگم پبليڪيشن/قليچ سرڪل، حيدرآباد‘ پاران 1989ع ۾ ’غفار-قليچ اوارڊ‘، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو پاران 1991ع ۾ سلور ميڊل، ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ پاران 1993ع ۾ ’مرزا قليچ بيگ اوارڊ‘، ’پريم ساگر پبليڪيشن‘ ڪراچي پاران 1996ع ۾ ’ڀڳت ڪنور رام شيلڊ‘، سورمين سٿ حيدرآباد پاران 1997ع ۾ ’شھيد محمد فاضل راهو اوارڊ‘، حڪومت پاڪستان جي اقليت، راندين ۽ يوٿ افيئرس وزارت پاران 1992،1999 ۽ 2001ع ۾ ڪيش انعام سان گڏ ’نيشنل ڪلچرل اوارڊ‘، ’ماهوار نئين زندگي‘ حيدرآباد پاران 1999ع ۾ ’الھندو شاهه يادگار شيلڊ‘، 2000ع ۾ ماهوار ’سوجهرو‘ اوارڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 2001ع ۾ اوارڊ ۽ ’الودائي تقريب شيلڊ‘، ’نيول ويلفيئر مشن‘ ڪراچي پاران 2002ع ۾ ’55th انڊپينڊنس ڊي اينڊ لارڊ ڪرشنا فيسٽيول اوارڊ‘، بزم گلشن سنگت، ٽنڊي محمد خان پاران 2003ع ۾ ’امر دليپ سنگهه حُسن ڪارڪردگي اوارڊ‘، 2006ع ۾ ’ٻي- ڪھاڻي ڪانفرنس ٽرافي‘، ترجمي جي مڃتا ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ، 2008ع ۾اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جئپور پاران اوارڊ، ’سنڌي اديب نيشنل اوارڊ، 2009ع ۾ ’انيس انصاري اڪيڊميءَ اوارڊ، سنڌ ثقافت کاتي پاران 2009ع ۾ ’جوش مليح آبادي اوارڊ‘، حيدرآباد هندو پنچائت پاران 2012ع ۾ ’لائيف ٽائيم اچيومنٽ‘ اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ميڊل ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل آهن. ولي رام ولڀ مختلف ادبي، ثقافتي ۽ سماجي توڙي سرڪاري ادارن/تنظيمن جو ميمبر پڻ رهيو. هن 29 آڪٽوبر 2023ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. ولي رام ولڀ 1957ع ۾ مٺيءَ ۾ شادي ڪئي، کيس پشپا ولڀ، گوري ولڀ ۽ هڪ پٽ ڪمليشور جو اولاد آهي.


لفظ ولي رام ولڀھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.08.18  عيسوي

سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار، نقاد، شاعر ۽ مترجم ولي رام ولڀ، 18 آگسٽ 1941ع (سرڪاري رڪارڊ موجب 15 مارچ 1941ع) تي ٿرپارڪر ضلعي جي شھر مٺيءَ ۾ ڪيول رام لوهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو.


2023.10.29  عيسوي

ولي رام ولڀ 29 آڪٽوبر 2023ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلطان حيدر مرزا
رانجهن ماسٽر رانجهن
سرور سيف
عبدالقدير ڪاڃون
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر
جمال رند
خانائي حامد علي قريشي
بالزاڪ
چيٽرجي شرت چندر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون